ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ ا??م ترين منصوبو آهي، جتي ان ڊيم سان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ان جي ڪري تربيلا ڊيم جي ڪارآمد مدي ۾ اضافو ٿيندو، روزگار جا موقعا ملندا ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمر??ن خان ديامير ڀاشا ڊيم سائيٽ جي دوري ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني.