سنڌيڪار: صنم جوڻيجو/روپ ميگهواڙ
خيبرپختونخوا جا لکين ??اڻهو خاص طور غريب، لاچار ۽ محروم طبقي جي لاءِ علاج جي مفت سهولت هڪ وڏي نعمت ثابت ٿي آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صوبي جي غريب عوام علاج جي وڏن خرچن ۾ پيڙهجي ر??ي هئي ۽ انهن جي اڪثريت مناسب علاج کان محروم رهج?? ويندي هئي، صحت انصاف ڪارڊ سان نه رڳو انهن کي علاج جي معياري سهولت ميسر ايندي پر مشڪل سان گهر جو خرچ هلائيندڙن تي هاڻي ما??ي دٻاءُ به گهٽ ٿ?? ويندو، معاشري جي لاچار طبقي لاءِ صورتحال ان وقت افسوسناڪ ٿ?? ويندي آهي جڏهن انهن کي علاج ۽ ما??ي ما?? هڪ شيءَ چونڊڻي پوي، ان صورتحال ۾ هو علاج بدران ٻارن جو پيٽ پالڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ علاج جي لاءِ هو وڏ?? وياج تي قرض وٺڻ تي مجبور ٿ?? ويندا آهن. ما??ي مشڪلاتن جي ڪري هو عطائين جي ور چڙه?? ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جا مرض لا علاج شڪل اختيار ڪر?? ويندا آهن.
ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي ناڻي ۽ صحت واري وزير تيمور سليم جهڳڙا چيو آهي ته خيبرپختونخوا ملڪ جو پهريون صوبو بڻج?? ويو آهي جتي ان جي سڀني ر??واسين کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئ?? وئي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي ”صحت جي سهولت سڀني لاءِ“ ج?? ويزن موجب صوبي جي سئو سيڪڙو آبادي کي رڪارڊ ٽن مهينن اندر اها سهولت فراهم ڪئ?? وئي، هن چيو ته مفت علاج کانسواءِ صوبي جي 280 اسپتالن ۾ اينٽي ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. شروعاتي طور تي وفاق پاران صوبي کي 16 هزار ويڪسين خوراڪ مليون هيون، جيڪي ڪورونا جي خلاف اڳين صف ۾ وڙهندڙ صحت کاتي جي عملي کي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته اينٽي ڪورونا ويڪسين جي لاءِ اڍائي هزار عملي جي تربيت ڪئ?? وئي آهي ۽ 64 هزار کان وڌيڪ ورڪرز مريضن ک?? ويڪسين ڏيڻ لاءِ پهرين کان ئي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي پي ٽي آءِ جي منشور جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج (يو ايڇ سي) موجب سڀني ماڻهن کي صحت پلس ڪارڊ (ايس پي سي) ڏنا ويا آهن. چترال کان ڊي آءِ خان، سڀئي ضلعا يو ايڇ سي ۾ ۽ 400 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ نجي اسپتالون ايس پي سي پروگرام جي لسٽ ۾ شامل آهن. صوبي جي 7 ڏکڻ ضلعن ۾ ايس پي سي جو ٽيون ۽ فائنل راوئونڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻايل اسپتالن ۾ علاج جي مفت سهولت جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي.
ايس پي سي تحت هر مستحق خاندان هڪ سال ۾ 10 لکن تائين ??فت علاج جي سهولت ما?? فائدو وٺي سگهي ٿو ۽ ان پروگرام ما?? 4 ڪروڙ ماڻهو فائدو وٺي سگهن ٿا. ڏکڻ ضلعن ۾ صحت ڪارڊ پلس پروگرام جي جاري ٿيڻ کان پهرين اهو منصوبو ما??اڪنڊ، هزاره ۽ پشاور زون ۾ شروع ڪيو ويو هو، پشاور جي 28 اسپتالن سميت خيبرٽيچنگ اسپتال، حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس، ليڊي ر??ڊنگ اسپتال، ارنم پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي نصير الله بابر ٽيچنگ اسپتال، رحمان ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ، نارٿ ويسٽ ٽيچنگ اسپتال، جناح ٽيچنگ اسپتال، فوجي فائونڊيشن اسپتال ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز ان پينل ۾ شامل آهن.
ليڊي ر??ڊنگ اسپتال جي ترجمان محمد عاصم ٻڌايو ته ايس پي سي تحت سرڪاري شعبي جي اسپتالن ۾ مفت علاج جي سهولت شروع ڪئ?? وئي آهي جتي مريضن جي سهولت لاءِ خصوصي ”ايس پي سي“ ڪائونٽرز قائم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ايس پي سي تحت دل جي مريضن کي مفت اسٽنٽ فراهم ڪيا پيا وڃن، جنهن جي لاءِ ماضي ۾ ٽن کان پنج لک روپين تائين ادا ڪرڻا پوندا هئا، هن وقت ايل آر ايڇ ۾ دل جي مرض جا 40 مريض داخل آهن جنهن ما?? ڪيترن ئي کي اسٽنٽ لڳايا ويا آهن. تفصيلن موجب چترال جون 6 اسپتالون، دير اپر جون 2، لوئر دير جون 8، ما??اڪنڊ جون 7، سوات جون 14، بٽگرام جون 5، ما??سهره جون 3 ايبٽ آباد جون 10، بونير ۽ هريپور جي هڪ هڪ، صوابي جون 14، مردان جون 13، نوشهره جون 8، چارسده جون 5، ڪوهاٽ جون 2، هنگو جون 5، بنون جون 6، لڪي مروت جون 4، ڊي آءِ خان جون 6 اسپتال پينل تي وڌيون ويون آهن.
قبائلي ضلعي مهمند جي هڪ مريض جي سارسنڀال ڪندڙ محمد اي پي پي کي ٻڌايو ته سندس ماءُ کي ليڊي ر??دنگ اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتان کيس پنج هزار روپين جي ما??يت جون دوائون مفت فراهم ڪيون ويون، ان کان پهرين اهي خرچا اسان پنهنجي کيسي ما?? ڪندا هئاسين ??ر هاڻي ايس پي سي تحت اسان جو علاج مفت ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته عمران خان ۽ صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن غريبن جو ڏک سمجهندي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئ??. هڪ ٻي مريض جي سارسنڀال لهندڙ قيصر نديم چيو ته سندس ڀيڻويو ايل آر ايڇ ۾ داخل ٿيو هو ۽ ان کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئ?? وئي، اهو صوبي جي عوام لاءِ هڪ وڏو تحفو آهي، پروگرام کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ خيبرپختونخوا حڪومت 21 – 2020ع جي بجيٽ ۾ 18 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ته جيئن صوبي جي لکين ??اڻهن کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ ۾ رنڊڪ نه اچي، ان پروگرام ما?? اهي سڀئي ماڻهو فائدو وٺي سگهن ٿا جن وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ۾ مستقل پتو هتي جو هجي. نوشهره جي ڪينسر جي هڪ مريض خورشيد خان ٻڌايو ته ڪينسر جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ جنهن تڪليف ما?? آئون گذريو آهيان ان کي ڪير به محسوس نٿو ڪري سگهي، ان موذي مرض جي علاج جي لاءِ مون پنهنجي سڄي جمع پونجي خرچ ڪري ڇڏي.
هن چيو ته هاڻي آئون تمام گهڻو خوش آهيان ڇاڪاڻ جو هيلٿ پلس ڪارڊ تحت هاڻي مون جهڙن مريِضن کي علاج جي مفت سهولت ميسر ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪينسر جي مريض لاءِ صوبائي حڪومت پاران 10 لک روپين تائين علاج جي فراهمي تمام وڏي ڳالهه آهي ان جي لاءِ مون جهڙي مريض عمران خان ۽ صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان، ڪينسر کانسواءِ ڪڊني ٽرانسپلانٽ، دل جي مرض ۽ ٻين دائمي مريضن کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪئ?? پئي وڃي.
اها هڪ پراڻي ۽ گهڻي ضرورت هئي پر ماضي جي حڪومتن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ائين ??ه ڪيو. تنهن هوندي به اهو پي ٽي آءِ جي حڪومت جو ڪارنامو آهي ته هن صوبي جي لکين ??اڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ اهو شاندار قدم کنيو آهي.