اسلام آباد – 08 اپريل (ا?? پي پي) گلگت بلتس??ان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي ح??ال?? سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪش??ير ۽ گلگت بلتس??ان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت بلتس??ان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪش??ير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي ح??ال?? سان گلگت بلتس??ان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت بلتس??ان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتس??ان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي ح??ال?? سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت بلتس??ان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي ح??ال?? سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.