اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عوام کي ر??ايتي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، سستي اگهن تي بينادي کاڌي پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان منافع خور مافيا کان عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسپيڪر اسد قيصر يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي ر??ايتي اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يقيني ??ڻائي ۽ منافع خور ۽ ذخيره اندوز مافيا جي ڪري ر??ايتي اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، هن ضلعي سطح تي انتظاميه کي رمضان المبارڪ دوران اگهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿام کي يقيني ??ڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاران اسپيڪر کي رمضان جي مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.