اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي 8487 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏنو ويو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو رکيو ويو آهي، گاڏين جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪر?? ۽ گاڏين تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪر?? جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي بجيٽ جو ماپو 900 ارب رپيا آهي، گهٽ کان گهٽ اجر?? 20 ??زار ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين جو ڪاٿو 7909 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي جيڪو گذريل سال جي نظرثاني ٿيل 6395 ارب رپين جي ماپي جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، مجموعي سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، احساس پروگرا?? جي لاءِ 660 ارب رپيا مخ??وص ڪيا ويا آهن، زراعت، چوپائي مال سميت مخ??لف شعبن ۾ ريليف فراهم ڪر?? جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي.