اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ضلعي ڪُرم ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ??ي جوانن جي وارثن سان ڳ??لهائيندي انهن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر شهيدن جي وارثن سان ٽليفونڪ رابطو ڪيو. صدر ڪيپٽن باسط علي ۽ سپاهي حضرت بلال جي وارثن سان ڳ??لهه ٻولهه ڪئي، صدر شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ?? وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. صدر پسني ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن عفان مسعود جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پ??ش ڪيو ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.