اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو، اميد آهي افغان اڳواڻ افغان مسئلي جي وسيع البنياد ۽ ٺوس سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن معاملن تي ترڪ??ءَ جي مضبوط ۽ مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ??ءَ جي دفاع واري وزير حلوسي آڪار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ترڪ??ءَ جي وچ ۾ بي مثال گڏيل اعتماد ۽ گڏيل حمايت جي بنياد تي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ترڪ??ءَ جي صدر رجب طيب ??ردوان ۽ ترڪ??ءَ جي ڀائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ترڪ??ءَ ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان نقصان تي همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن امداد کي ورجايو. وزيراعظم بطرفي دفاعي تعاون جي موجوده سطح تي ??طم??نان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن معاملن خاص طور تي ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي ڀرپور ۽ مسلسل حمايت تي ترڪ??ءَ جا ٿورا مڃيا. علائقائي معاملن جي حوالي سان وزيراعظم افغان امن عمل بابت پاڪستان جي موقف کان کيس آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڳالهين ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته افغان اڳواڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ پائيدار سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ سياسي حل جي لاءِ مدد ڏيڻ جي ڪوششن ۾ تعاون ڪندو. ترڪ??ءَ جي دفاع واري وزير ترڪي جي صدر اردوان پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ڄمون ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ترڪ??ءَ پاران پاڪستان جي حمايت کي ورجايو. هن وزيراعظم سان ملاقات ۾ دفاع سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن افغانستان ۾ سياسي حل جي لاءِ ترڪ??ءَ جي ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو. حلوسي آڪار جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪ??ءَ جي وچ ۾ اهم ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جو حصو آهي.