اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو ??ي بچائيندڙ نوجوان پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته ??رض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پن??نجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پن??نجا ??رض سرانجام ڏئي رهيو هو ??ڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو ??ي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته ??رض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پوليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.