اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڏيندي چي?? ته شوگر ملن جي نگراني جي لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ??رڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري مقدار جو پتو لڳائي سگهجي. وزيراعظ?? عمران خان جي صدارت ۾ کنڊ جي قيمت وڪرو ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر آفيسر موجود هئا جڏهن ته پنجاب جو صنعت وارو صوبائي وزير ميان اسلم اقبال ۽ چي?? سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم کنڊ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چي?? ته شوگر ملن جي نگراني لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سٽم لاڳو ??رڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري مقدار جي خبر پئجي سگهي، ناجائز منافعو ڪمائيندڙ غريب عوام جا دشمن آهن ۽ رياست انهن عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. پنجاب جي چي?? سيڪريٽري اجلاس کي آگاهه ڪيو ته صوبي ۾ کنڊ جي مقرر ڪيل وڪرو جي قيمت کي لاڳو ??رڻ لاءِ سموري ضلعي انتظاميه کي نگراني ??رڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعو ڪمائڻ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي جو عمل شروع آهي، ان کانسواءِ شوگر ملڪن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا به لڳايا ويا آهن جنهن جي مدد سان ڪمند جو مقدار ۽ پيداوار ٿيل کنڊ جي نگراني ڪئي ويندي، سمورين شگر ملن مان ڪرشنگ جي دوران روزاني جي بنياد تي معلومات به جمع ڪئي ويندي.