اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مسلمان نوجوانن کي ??سلام جو پيغام ڏيندي معاشري جي اخلاقيات ۽ قدرن جو معيار بلند ڪيو وڃي، اسلامي اسڪالرز پنهنجي تهذيب، مذهب ۽ تاريخ تي فخر ڪندي نوجوانن جي روحاني ۽ اخلاقي تربيت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان قومي رحمت للعالمين اٿارٽي جي اهتمام هيٺ مديني جي رياست، اسلام، معاشري ۽ اخلاقي بيداري جي موضوع تي مڪالمي جي ٻي ويهڪ جي ميزباني ڪئي، مڪالمي کي ??ارج واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊاڪٽر سيد حسن نصر، زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر حمزه يوسف، ڪيمبرج مسلم ڪاليج برطانيا جي ڊين ڊاڪٽر عبدالحڪيم، ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مفڪر ڊاڪٽر چندرا مظفر، ڊاڪٽر عثمان باقر، ابن خلدون يونيورسٽي ترڪيءَ جي ريڪٽر ڊاڪٽر رجب شنتڪ، گڏيل عرب امارات جي فتويٰ ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله بايا پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي مسلمان نوجوانن کي ??سان کي ??سلام موجب پيغام ڏيڻو آهي، هر مهيني يا ٻئي مهيني اهڙي قسم جي هڪ ويهڪ جو اهتمام ڪنداسين جتي اسان موجود دور جي مسئلن با??ت ڳالهه ڪريون جيڪي اسلامي دنيا جا تمام اهم آهن ۽ اتي اسلامي اسڪالرز جي خيالن مان فائدو کڻون. وزيراعظم چيو ته منهنجو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جي پٺيان اهو ئي تصور هو ته حضرت محمد ﷺ جي سيرت جي ذريعي اسان مسلمان کي متحد ڪريون، اسان پنهنجي معاشري جي اخلاقيات ۽ قدرن جو معيار بلند ڪريون جهڙوڪ مديني جي رياست ۾ اسان جي پيغمبر ﷺ 15 سئو سال اڳ ڪيو هو. جارج واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊاڪٽر سيد حسن نصر چيو ته انساني وجود کي ڪيتريون مشڪلاتون درپيش آهن، غيرسنجيده ماڻهو اسلام تي ڳالهه ڪن ٿا، اسان کي ڳالهه ٻولهه کان وڌيڪ عمل جي ضرو??ت آهي. هن چيو ته اسلام موجوده دور جي فوري نوعيت جي مسئلن جو حل پيش ڪري ٿو. زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر حمزه يوسف چيو ته خواهش جو حد کان وڌي وڃڻ معاشري کي نقصان پهچائي ٿو، الله اسان کي ??ورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي ذميواري ڏني آهي، اسان کي نوجوانن ۾ عورتن جو احترام پيدا ڪرڻ جي سوچ اجاگر ڪرڻي پوندي، نيڪ ماڻهو ئي عورتن جي عزت ڪن ٿا. ڪيمبرج مسلم ڪاليج برطانيا جي ڊين ڊاڪٽر عبدالحڪيم مراد چيو ته عورتن کي هراساني سميت مختلف ڏوهه درپيش آهن، آزاد خيال ماڻهو ڪنهن شيءَ کي ??ينسر نه ٿا ڪرڻ چاهين. ابن خلدون يونيورسٽي ترڪي جي ريڪٽر ڊاڪٽر رجب شنتڪ چيو ته نوجوانن کي ??خلاقيات اختيار ڪرڻ جي ضرو??ت آهي، جدت پسندي، آزاد خيال جو خطرو موجود آهي، اسان کي پنهنجي ماضي کي محفوظ بڻائڻو پوندو. ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مفڪر ڊاڪٽر چندرا مظفر چيو ته نوجوانن کي پنهنجي تهذيب، مذهب ۽ تاريخ تي فخر هجڻ گهرجي. ملائيشيا جي يونيورسٽي آف ملايا جي پروفيسر ڊاڪٽر عثمان باقر چيو ته نوجوان سمجهن ٿا ته اسلام کي محدود ڪيو ويو آهي، بين المذاهب هم آهنگي جو هجڻ لازمي آهي، هن وقت روايتي ۽ جديد تعليم يافته حلقن ۾ مقابلو آهي.