اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ?? عمان جي وچ ۾ واپار سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون، اها ڳالهه هن عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، عمان ۾ پاڪستان جو سفير ايمبيسڊر ڪي ڪي احسن وگن سميت پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسرن به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سلطنت عمان جي سلطان هيثم بن طارق السعيد جي قيادت کي ساراهيو، پرڏيهي وزير انج??يئ?? ريڌا جمعه محمد علي الصالح کي بطور ??يئ??مين او سي سي آءِ عمان مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ?? عمان جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، عرب ملڪن ۾ عمان نه رڳو جاگرافيائي طور تي پر ثقافت ۽ زبان جي لحاظ کان به پاڪستان جي ويجهو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستاني قيادت جو ويزن معاشي تحفظ جي چوڌري آهي، پاڪستان، جيو اڪنامڪ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پرڏيهي وزارت اق??صا??ي سيڙپڪاري جي ذريعي معاشي استحڪام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 220 ملين جي آبادي تي ٻڌل معيشت هجڻ جي ناطي پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۽ منافعو ڪمائڻ جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪ عمان انويسٽمينٽ ڪمپني 2001ع ۾ سلطان قابوس جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ??ائ?? ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ به پاڪستان ?? عمان جي وچ ۾ اق??صا??ي لاڳاپن جي بنيادي ٿنڀ جي طور تي ڪم ڪندي آهي. پرڏيهي وزير پاڪ عمان جوائنٽ بزنس ڪائونسل کي فعال بڻائڻ جي ضرروت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن جي سي سي جي جنرل سيڪريٽري نائف بن فلاح الحجراف سان گڏ اسان جي ملاقات تمام گهڻي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ اق??صا??ي تعاون وڌائڻ لاءِ هڪ گڏيل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻنهي چيمبرز جي وچ ۾ ڪاروباري شخصيتن جي اجلاسن جي انعقاد ?? عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي پاڪستان ۾ واپاري نمائشن ۾ شرڪت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان قومي ۽ علائ??ائ?? ترقي لاءِ شين جي سنگم تي پنهنجي جاگرافيائي اق??صا??ي بيهڪ مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، اسان پاڪستان ?? عمان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ آن لائين ويزا سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ??يئ??مين پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ?? عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اق??صا??ي تعاون جي ماپي ۾ اضافي لاءِ عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.