اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ?? مثبت تبديلي جي لاءِ مولانا ظفر ع??ي خا?? جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر ع??ي خا?? ٽرسٽ جي چيئرمين خا??د محمود جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولانا ظفر ع??ي خا?? اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي فروغ لاءِ مولانا جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا ج?? تعليم قوم ج?? تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر ع??ي خا?? کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ نسلن کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولانا جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وفد پاران صدر کي مولانا ظفر ع??ي خا?? ميموريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وفد مولانا جي صحافتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ٽرسٽ جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولانا جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر ع??ي خا?? مرحوم جي ادبي تخليقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.