اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳوڻي ??سپنر شين وارن جي لاڏاڻي ??ي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آنجهاني ج??ني??س ليگ اسپنر جنهن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽر شين وارن جي اوچتو لاڏاڻي ??ان کيس صدمو پهتو آهي. شين وارن هڪ ج??ني??س بائولر هو ۽ هن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين وارن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ اسپننگ جي موجوده ??ارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلاف ڪئي هئي.