لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اوورسيز پاڪستانين کي ملڪي صنعتن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ۽ 5 سال?? جي لاءِ ٽيڪسز کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪي به حڪومتون آيون انهن کي خبر ئي نه هئي ته ملڪ جو رخ ڪهڙي طرف هجڻ گهرجي ۽ اسان مختلف رستن تي هلندا رهياسين، امداد ۽ قرض گهرندڙ?? جي دنيا ۾ ڪا عزت ناهي هوندي، جڏهن ڪو ملڪ هٿ ڦهلائي ٿو ته ڪير اسان کي امداد ڏي ته پوءِ ان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تبديل ڪرڻي پوي ٿي، پنهنجي مفاد?? جي خلاف ٻي?? جي جنگين ۾ شرڪت ڪرڻي پوي ٿي، اسا?? جي ملڪ ۾ سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽريز جي ترقي ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون وڌيو ويون پر هاڻي انهن کي ختم ڪري مراعتون ۽ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، آءِ ٽي انڊسٽير کي به مراعتون ڏئي رهيا آهيون، ان سان پاڪستان تيزي سان مٿي ويندو، انڊسٽريز جي لاءِ جن مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان اڄ ڪري رهيو آهيان اسان کي اهي پهرين ڏينهن ڪرڻ گهرجن ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ انڊسٽريل پئڪيج جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، حماد اظهر، ايف پي سي سي آءِ جو صدر عرفان اقبال شيخ، وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سميت بزنس ڪميونٽي جون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. وزيراعظم عمران خان چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار توهان کي سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندو هو ته سمهڻ کان اڳ پنهنجو احتساب ڪندو هئس ته مو?? جيڪا مئچ کيڏي اها ڪيئن کيڏي ۽ مون کي ڪهڙي طرح کيڏڻ گهرجي ها ۽ آئون ان سو?? جي مڪمل ٿيڻ تائين سمهندو نه هئس. هن چيو ته جڏهن کان اسا?? جي حڪومت آئي آهي اهو سوچيندو آهيان ته اسان کي اچي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ها ته سڀ کان وڏي ڪاميابي اها آهي جيڪو پئڪيج اسان اڄ ڏنو آهي اهو بزنس ڪميونٽي جي لاءِ پهرين ڏينهن ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته ڪو به ملڪ رڳو ڀاڄين ۽ ڪڻڪ وڪرو ڪري ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اڳتي نه ٿو وڌي سگهي پر ملڪ صنعت?? جي بنياد تي اڳتي وڌندا آهن، جڏ??ن انڊسٽريز جي پيداوار وڌي ٿي ان ۾ جدت اچي ٿي، ايترو ئي ان ملڪ جي دولت وڌي ٿي، مينوفيڪچررز ۽ انڊسٽريز کانسواءِ ڪڏهن ڪو به ملڪ عظيم نه ٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ اڄ کان 50 کان 55 سال اڳ وڏي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو هو ڇو ته اسا?? جي انڊسٽريز جي پيداوار وڌي رهي هئي ۽ اسان جو رخ صحيح هو پر بدقسمتي سان 70ع جي ڏهاڪي ۾ نيشنلائيزيش?? جي عمل سڄي گروٿ کي روڪي ڇڏيو ۽ ملڪ جي رخ کي تبديل ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ اسان ان کي ٻيهر حاصل نه ڪري سگهياسين ڇو ته ان وقت اسان ٺوس قدم نه کنيا، جيڪي به حڪومتون آيون انهن کي خبر ئي نه هئي ته ملڪ جو رخ ڪهڙي طرف هجڻ گهرجي جڏهن ته اسان مختلف رستن تي هلندا رهياسين. ملڪ تڏ??ن اڳتي وڌي ٿو جڏهن ملڪ ۾ دولت پيدا ٿئي ٿي، جيستائين ڪو ملڪ دولت پيدا نه ڪندو اهو ڪيئن اڳتي وڌي سگهي ٿو. ماضي ۾ اها سوچ هئي ته انڊسٽريز دولت ٺاهي رهي آهي، منافعو ڪمائي رهي آهي پر ماضي ۾ انهن کي پنهنجي مقصد?? جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، جيڪڏهن توهان هڪ انڊسٽري کي منافعو نه ٺاهڻ ڏيندا ته اتي سيڙپڪاري ڪيئن اچي سگهي ٿي، سيڙپڪاري ائين ئي آهي جيئن ماکيءَ تي مکيون اينديون آهن، جڏهن هڪ انڊسٽري ڪامياب ٿي منافعو ٺاهي ٿي ته جڏهن ٻيا شعبا ان کي ڏسن ٿا ته اهي به ان طرف اچن ٿا ۽ سيڙپڪاري ڪن ٿا پر جيڪڏهن حڪومت جي اها پاليسي بڻجي وڃي ته سيڙپڪاري جي خلاف پاليسيون ٺاهڻيون آهن ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهو ملڪ هو جنهن کي وڃڻو ڪٿي ٻئي هنڌ هو پر اسان ڪنهن ٻئي رخ ۾ نڪري وياسين. اسان کي انڊسٽري جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها جيڪا روانگي واپار تي ٻڌل هجي ها. هن چيو ته اسا?? جيڪا ايمنسٽي ڏني اها اوپن نه ڏيڻ گهرجي ها پر ان کي انڊسٽري کي سڌوسنئون ڏيڻ گهرجي ها. اسا?? جي غيرروايتي انڊسٽري تمام وڏي آهي اسان کي ان کي باضابطا بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسا?? جي لاءِ وڏا مسئلا آهن جڏ??ن اسا?? جي انڊسٽري ۽ معيشت وڌي ٿي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي وڃي ٿو ۽ ڊالر جي کوٽ پيدا ٿي وڃي ٿي ڇو ته اسان وٽ روانگي واپار تي ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته سال 2000ع ۾ چين، روانڊا، بنگلاديش، ڀارت، ويتنام ۽ پاڪستان جو گراف ڏسو، اڄ 20 سالن کانپوءِ روانڊا سڀ کان مٿي وڃي رهيو آهي، اهڙي طرح چين، ڀارت ۽ بنگلاديش به ترقي ڪري رهيا آهن پر سڀ کان هيٺ پاڪستان آهي ۽ اسان جو روانگي واپار نه وڌيو، مشرف دور ۾ جيڪو روانگي واپار وڌيو اهو به هيٺ اچي ويو. جڏهن روانگي واپار نه وڌندو ته ڊالرز جو بحران هر دور ۾ ايندو. هن چيو ته جڏهن به معيشت وڌندي هئي ته ڊالرز جي کوٽ ٿي ويندي هئي ۽ اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو هو، ان جو بنيادي سبب اهو هو ته اسا?? جي ڪا ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هئي ته اسان ان بحران مان ڪهڙي طرح نڪري سگهون ٿا. عمران خان چيو ته اسا?? جي پاليسي جا ٻه رخ آهن، جتي پلانٽس جي اندر پئسو لڳل آهي اسان ان کي سيڙپڪاري وڌائڻ طرف گامزن ڪري ڇڏيو آهي، سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽري جي فروغ لاءِ ڪم ڪيو آهي، سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽري تي ايتريون مشڪلاتون وڌيون ويون جو اها ترقي نه ڪري سگهي جڏهن ته ان کي اسان جو بنياد بڻجڻ گهرجي ها، ان سان ئي اسان پاڻ کي مشڪلاتن مان ڪڍي سگهياسين پئي پر ا?? جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون، اسان انڊسٽريز جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا انڊسٽري بيمار ٿي بند پيل آهي ان سان سڄو ڪيپيٽل ضايع ٿي رهيو آهي، اسان انهن کي به مراعتون ڏئي رهيا آهيون، ان ۾ سرمايو لڳائينداسين جنهن سان اسا?? جي انڊسٽري جي گروٿ وڌندي، اسان اوورسيز پاڪستانين کي ان طرف راغب ڪري رهيا آهيون ڇو ته آئون اوورسيز پاڪستانين کي بهتر انداز ۾ سمجهان ٿو. اتي مون ڏٺو ته ننڍو بزنس مين وڏو بزنس مين بڻجي ويو آهي پر اهي ڇو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ٿا ڪن جڏهن ته اهي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن، ان جا سبب اهي آهن ته اسان انه?? جي لاءِ وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن، ڪانٽريڪٽ انفورسمينٽ آهي، اهي سيڙپڪاري ڪن ٿا ته ايترا مسئلا اچن ٿا جو انهن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهي عدالتن ۾ رُلي وڃن ٿا، اهي تنگ اچي پلاٽس ۾ سيرپڪاري ڪن ٿا پر اتي به قبضا ٿي ويندا هئا. اسان حڪومت ۾ ايندي ئي قبضا گروپ?? جي خلاف ايڪشن کنيو، اسان اوورسيز جي لاءِ جدا عدالتون ٺاهي ڇڏيون آهن، انه?? جي لاءِ مسلسل آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، اسان انهن کي دعوت ڏئي رهيا آهيون اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ اچن، انهن کي 5 سالن تائين ٽيڪس جي ڇوٽ ملندي، اهي پاڪستان ۾ اڳ کان لڳل انڊسٽري ۾ جوائنٽ وينچر ڪن ته ٻنهي جي لاءِ 5 سال?? جي ڇوٽ هوندي. اسان اوورسيز پاڪستانين کي سهولتون ڏنيون ته انه?? جي موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي، جڏ??ن انهن کي ٽيڪس ڇوٽ ۽ آسانيون ڏينداسي?? جيئ?? جيئن انهن جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ اهي ڪيپٽل آڻي سگهن ٿا، ته اصل ۾ ان وقت ملڪ ٽيڪ آف ڪندو، اوورسيز پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ ڪامياب ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ ان??ن اتي انڊسٽريز لڳايون آهن پر جڏ??ن اهي پنهنجي ملڪ ۾ پئسو کڻي ايندا ته انهن وٽ اسڪلز به آهن، ڪيپٽل به آهي جڏهن ته انهن کي رڳو اعتماد ۽ مراعتون ڏيڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان جلد ترقي جي ٽريڪ تي اچي ويندو. هن چيو ته چين ۽ ڀارت 90ع جي ڏهاڪي ۾ سڀ کان اڳ پنهنجي اوورسيز کي دعوت ڏني هئي ته اهي سيڙپڪاري ڪن بعد ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري آئي هئي. هن وقت 90 لک اوورسيز پاڪستاني آ??ن انهن ۾ پروفيشنلز به آهن، انهن جا ڪاروبار به آ??ن انهن کي اڃا تائين پاڪستان ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪامياب ناهيون ٿي سگهيا، اسان پاڪستا?? جي اندر سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽريز کي مراعتون ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي ايمنسٽي سيڙپڪاري جي لاءِ ڏيڻ گهرجي ها، ڀارت ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار 140 ارب ڊالر آهي، اسا?? جي دور ۾ 70 سيڪڙو روانگي واپار وڌيو آهي پر اڃا مشڪل سان 4 ارب ڊالر به نه آهي، اسان پنهنجي فري لانسرز ۽ آءِ ٽي انڊسٽريز کي مراعتون ئي نه ڏنيون هيون، موجوده حڪومت ان کي به عام انڊسٽري وانگر ٽريٽ ڪيو جڏهن ته ان جون ضرورتون ٻيون آ??ن ا?? جي لاءِ مراعتون به مختلف هجڻ گهرجن ها، هاڻي اسان انهن کي پوري طرح مراعتون ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان ٻيو ملڪ آهي جتي نوجوان?? جي سڀ کان وڌيڪ آبادي آهي، اسان کي آءِ ٽي بابت اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. اسان جڏ??ن انهن کي مراعتون ڏينداسين سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ان شعبي ۾ ترقي ايندي ۽ اسان جو آءِ ٽي سيڪٽر ڀرپور ترقي ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاريون، اميد آهي ته بزنس ڪميونٽي اسا?? جي پوري طرح مدد ڪندي ۽ اسا?? جي پارٽنر بڻجندي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به ملڪ جي آزاد ۽ خودمختيار پرڏيهي پاليسي جي لاءِ ضروري هوندي آهي ته اهو ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي، جڏهن ڪو ملڪ هٿ ڦهلائي ٿو ته ڪير اسان کي امداد ڏي ته پوءِ ان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تبديل ڪرڻي پوي ٿي، پنهنجي مفاد?? جي خلاف ٻي?? جي جنگين ۾ شرڪت ڪرڻي پوي ٿي. الله جو قانون آهي جڏ??ن اسان الله کان گهرون ٿا ته هوخوش ٿئي ٿو پر جڏ??ن انسا?? جي اڳيان هٿ ڦهلايون ٿا ته اهو ترس کائي ڏئي ته ڇڏي ٿو پر توها?? جي عزت نه ٿو ڪري. جيڪا قوم پنهنجي عزت نه ٿي ڪري دنيا به ا?? جي عزت نه ٿي ڪري. پاڪستان کي الله تعاليٰ هر قسم جي نعمت سان نوازيو آهي، پاڪستان ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه آهي پر اسان پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، بس اهو ئي ٿيندو هو ته امداد وٺي ڇڏيو، افغان جهاد ۾ شرڪت ڪريو پئسو اچي رهيو آهي، پئسا ڏيو ته اسان جنگ وڙهنداسين. پهريون ڀيرو اسان روس جي خلاف جهاد جي نالي تي وڙهون ٿا، 11 سال آمريڪا جڏهن آيو ته اهو ئي جهاد دهشتگردي بڻجي ويو، اسان کي آمريڪا کي خراب نه چوڻ گهرجي، اسان پاڻ پنهنجو پاڻ کي رسوا ڪيو، بجائي دانشمنداڻا فيصلا ڪري پنهنجي پيرن تي بيهون اسان پنهنجا ماڻهو مارايا، اسان شارٽ ڪٽ فيصلا ڪري وٺون ٿا، شارٽ ڪٽ سان ڪڏهن به ڪاميابي نه ٿي ملي، ترقي ڪرڻي آهي ته محنت ڪريو، غلطيون ختم ڪريو، پنهنجي ماضي مان سکو. اسان ڪڏهن روانگي واپار وڌائڻ تي زور نه ڏنو، جنهن ملڪ جو روانگي واپار ئي نه وڌي رهيو هجي ته ملڪ ڪيئن پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿو. اڄ کان 50 سال اڳ ملائيشيا ۽ پاڪستا?? جي ترقي ۾ زمين آسمان جو فرق هو. مهاتير محمد ٻڌايو ته اسان ڪاٽيج انڊسٽري کي مراعتون ڏئي ترقي ڏني، گهرن ۾ اليڪٽرانڪس جي اسمبلنگ جا پلانٽس لڳايا ۽ 10 سالن کانپوءِ اسان جو روانگي واپار 80 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. هن چيو ته اسان رڳو ٽيڪسٽائيل جي ذريعي مٿي نه ٿا وڃي سگهون، هاڻي اسا?? جي پاليسي ڊگهي مدي جي بنياد تي هوندي. اسان چيمبرز، بزنس ڪميونٽي کي آگاهه ڪنداسين ته اسان جو رخ ڪهڙو آهي، اسان کي پنهنجي انڊسٽري کي ترقي ڏيڻي آهي، هر قسم جون مراعتون ڏئي رهيا آهيون، سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽريز ڪنهن به ملڪ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي، ا?? جي لاءِ رڪاوٽون ختم ڪري انهن کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون.