اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ن ليگ جي اڪائونٽس ت??ن سپريم ڪورٽ جي بينچ تي مسلسل تنقيدي حملا ٿي رهيا آهن، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان جيڪڏهن مخالف ڌر جي خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ته کين پنهنجي گهرن ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو، پاڪستان جو مفاد ان ۾ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر چئي رهي هئي ته شهزاد اڪبر ملڪ ڇڏي ويو آهي، شهزاد اڪبر اڄ به اس??ن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته مخالف ڌر آئين جون ڌڄيون اڏائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، 22 ماڻهن کي انهن هارس ٽريڊنگ جي ذريعي پاڻ سان ??لايو، ڇا اهو آئين جو حصو هو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي عوام اليڪشن جي لاءِ تيار آهي، ڪا به سياسي پارٽي ڪڏ??ن به اليڪشن کان راه فرار اختيار ناهي ڪندي پر مخالف ڌر جون پارٽيون اليڪشن کان راه فرار اختيار ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر جون پارٽيون اليڪشن ۽ عوام کان ڇو ڀڄي رهيون آهن؟ چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اسان اڳتي وڌنداسين پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان ??زاحمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان خط جا تفصيل عوام جي سامهون نه رکيا پر ان تي اسان ??ارلياماني سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ۽ مخالف ڌر اڳواڻن کي ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پر هنن شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته اسان ??اڪستان ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ نٿا چاهيون، ان تي جيتري گهٽ ڳالهه ٿئي اها بهتر آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف اڄ چئي رهيو آهي ته هو نگر??ن سيٽ اپ لاءِ پراسيس جو حصو نه بڻجندو، نگر??ن سيٽ اپ لاءِ صدر پاران ??کيل خط تي اسان ??ه نالا موڪلي ڇڏيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن وزيراعظم جي لاءِ نالا ڏي ٿو ته ان ??ان ??ڪ نالو فائنل ٿي ويندو، شهباز شريف مشاورت جو حصو نه بڻيو ته اها ان جي پنهنجي مرضي آهي، هن چيو ته سڄو ملڪ اليڪشن لاءِ تيار آهي، 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻي آهي.