اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستح?? ۽ ??مزور ماڻهن تائين پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه شازيه عطا مري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس مل??قات ڪئ??. مل??قات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي، ان موقع?? تي شازيه مري وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ان موقع?? تي وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستح?? ۽ ??مزور ماڻهن تائين پهچي، وزيراعظم ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت کي ناڻي واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون به ڪيون.