اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ٻڌل آهن، ترڪيءَ جو پاڪستان جي هر شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي جي لاءِ محبت جو اظهار آهي. اها ڳالهه اي پي پي ا??دو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اط??اع??ت واري وفاقي وزير ترڪيءَ جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل سان گڏ ربن ڪاٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو ترڪي جي تعاون ۽ رابطن واري اداري (تيڪا) جي تعاون سان اپ گريڊ ڪئي وئي آهي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته اي پي پي ا??دو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن هڪ اهڙو قدم آهي جنهن جا وسيع ۽ پئماني تي ڏورس اثر پوندا. ان قدم سان يقيني طور تي اي پي پي ا??دو نيوز سروس جي ڪارڪردگي ۾ ??ڌي?? بهتري ايندي، هي هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو اڄ اي پي پي جي پهچ کي وڌائڻ جي حوالي سان حاصل ڪيو آهي. مريم اورنگزيب صحت، تعليم ۽ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ منصوبن جي شروع ڪرڻ تي ترڪ حڪومت جي ڪردار کي ساراهيو. اط??اع??ت واري وفاقي وزير ترڪيءَ جي سفير جي پاڪستان ۾ خدمتن ک?? ساراهيندي چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان ۾ پنهنجو وقت گذاريو ۽ رابطا قائم ڪيا، اسان سندس قدمن ک?? سدائين ياد رکنداسين. هو پاڪستان جو هڪ عظيم دوست آهي. هن چيو ته ترڪ سفير اي پي پي جي لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اي پي پي جي 43 ملڪن سان خبرن جي مٽاسٽا جا معاهدا موجود آهن. مريم اورنگزيب نيوز آپريشنز کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ اي پي پي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان سان پوري دنيا ۾ اي پي پي جي پهچ ۾ ??ڌي?? اضافو ٿيندو. ان کان اڳ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي اي پي پي جي اپ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي معاملن ۽ نئين قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اط??اع??ت واري وفاقي وزير ترڪ سفير کي سووينيئر پڻ پيش ڪيو. ان کان اڳ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير، اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ترڪيءَ جي سفير جو اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي استقبال ڪيو. اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اط??اع??ت واري وزارت جو سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ارشد منير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.