اسلام آب??د ?? 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ پن بجلي منصوبي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو سي پيڪ تحت مڪمل ٿيندڙ پن بجلي جو پهريون منصوبو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون کي اهو چوندي وڏي خوشي آهي ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ پن بجلي منصوبي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل حڪومت جي ??وڻي چئن سالن ۾ ان منصوبي تي ڪا چڱي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، اهو سي پيڪ تحت مڪمل ٿيندڙ پهريون منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي ۾ تعاون تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون.