اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل ڪيل 30 هڪ جهڙيون اپيلون رد ڪندي ايف بي آر کي ه??ايت ڪئي آهي ته هو غيرمستقل ليڪچررز جي پگهارن تي غيرمنصفاڻي ۽ غيرمعقول ٽيڪس ڪٽوتي جو عمل بند ڪري. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي چيو ته ايف بي آر پاران سيمسٽرز کان سيمسٽرز عارضي طور تي رکيل ليڪچررز جي 36 هزار رپيا ما??وار پگهار تي 20 سيڪڙو جي شرح سان ود ه??لڊ??گ انڪم ٽيڪس جي وصولي غيرقانوني ۽ بدانتظامي جو عمل آهي. صدر ايف بي آر کي ه??ايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته عورتن بابت پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج يا اهڙي قسم جي ٻين تعليمي ادارن جي ليڪچررز تي ود ه??لڊ??گ ٽيڪس جو بار نه وڌو وڃي. هن ريجنل ٽيڪس آفيسر پشاور کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل قانوني شقن تحت انهن ڪيسن تي ٻيهر ڪارروائي ڪري ۽ سمورن ود ه??لڊ??گ ايجنٽس کي صدر جي فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ ضروري ه??ايتون جاري ڪري ۽ 45 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ ڏي. صدر ايف بي آر جي انهن دليلن کي رد ڪري ڇڏيو ته ليڪچررز کي ادائيگيون ”خدمتن“ جي زمري ۾ اچن ٿيون جنهن ۾ 20 سيڪڙو جي شرح سان ود ه??لڊ??گ ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو. هن چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 149،12 ۽ 153 (1) (b) تحت ملازمت جي ڪنهن به صورت ۾ يعني ريگيولر، ايڊهاڪ، عارضي، ڏهاڙي اجرت، هنگامي حالتن وغيره تي رکيل ملازمن کي ملندڙ اجرت کي ”پگهار“ طور تي ئي شمار ڪيو ويندو ۽ ”پگهار ما?? آمدني“طور تي ئي ٽيڪس لڳايو ويندو. هن چيو ته ليڪچررز خدمتون حاصل ڪندڙ ادارن سان ???ملازم – ما??ڪ“ تعلق تحت ڪم ڪري رهيا هئا ۽ قانون موجب انهن جي اجرت کي پگهار جي برابر ئي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي ڪري، انهن جي اجرت کي ”پگهار تي ٽيڪس“ جي دائري ما?? خارج نه ٿو ڪري سگهجي. صدر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪيسن جي حالتن ۽ حقيقتن جي ڏس ۾ محتسب جا حڪم جائز ۽ ٺوس قانوني بنيادن تي ٻڌل هئا، تنهن ڪري ايف بي آر جي نمائندگي کي رد ڪيو وڃي ٿو.