هلال احمد / صنم جوڻيجو
اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت 1947ع ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير تي غيرقانوني قبضو قائم ڪري ڪش??يري عوام کي محڪوم بڻائي رکيو آهي ۽ هو گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪش??يرين کي انهن جي خودمختياري جو جائز حق ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، ڪش??يرين جي آزادي جي مطالبي کي دٻائڻ جي لاءِ انهن کي سدائين ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو، 75 سال جو عرصو گذري وڃڻ کانپوءِ ??ه ڀارت جي پوري والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جون مسلسل پائماليون جاري آهن. والاريل ڪش??ير زمين جو واحد خطو آهي جتي رڳو ڪجهه هزار مربع ميل علائقي ۾ 8 لک کان وڌيڪ ڀارتي قابض فوجي مقرر آهن. ڀارت ڪش??ير سرزمين تي جبري ۽ ناجائز فوجي قبضي کي جاري رکڻ جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن ۽ حربن کي استعمال ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪش??ير کي خصوصي حيثيت ڏيندڙ ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي ??ات??ي کانپوءِ ڀارت ڪش??ير ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي. ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڀارت خطي ۾ بالادست قوت بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي، ڪش??يري عوام ۽ پاڪستان ڪڏهن ??ه ڀارتي بالادستي قبول نه ڪئي آهي. پاڪستان ڪش??يرين جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي. ٻئي طرف والاريل ڪش??ير جي ڀارت نواز سياستدانن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت جو آرٽيڪل 370 کي هڪطرفي طور ختم ڪرڻ جو قدم غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي جنهن سان ڀارت ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ قابض قوت بڻ??ي ويو آهي. سياسي مبصرن موجب والاريل ڪش??ير جي نام نهاد قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کان اڳ اسيمبلي تڪن جي نئين حد بندي ڪئي وئي آهي، انهن سمورن قدمن جو مقصد ڄمون ۽ ڪش??ير رياست جي مسلم سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ ۽ آبادي ۾ مسلمانن جو تناسب گهٽ ڪرڻ آهي ته جيئن مستقبل ۾ والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت قائم ڪئي وڃي. ڀارتي حڪمران پنهنجي آئين جي شق 370 جي موجودگي کي ماضي ۾ ڪش??ير تي پنهنجي ناجائز ۽ غيرقانوني فوجي قبضي کي جواز طور سدائين پيش ڪيو ۽ ان جي ??ات??ي کانپوءِ هاڻي ڀارت جو اهو جواز به ختم ٿي ويو آهي. ڀارتي آئين ۾ والاريل ڪش??ير جي خصوصي شهريت جي حق بابت شق 35 اي کي به ختم ڪيو ويو. رياست جي شهريت بابت اهو معاملو تڪراري ڪش??ير سان پراڻي تاريخ رکي ٿو، ان قانون جي روح سان والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي حدن کان ٻاهر ڪنهن به علائقي جو شهري ڄمون ۽ ڪش??ير جو شهري نه ٿو بڻجي سگهي ۽ نه ئي زمين ۽ جائيداد جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. اهي قانون 1927ع کان ڪش??ير ۾ لاڳو آهن.