اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي( پاڪس??ان ۽ سعودي عرب سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سومر جي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير ولي عهد شهزادي محمد ??ن سلمان آل سعود سان ٽيلي فون تي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدلالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد ??ن سلمان وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم 75 آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪ ڏني. ولي عهد شهزادي محمد ??ن سلمان پاڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳو??ڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي ۽ پاڪس??ان سعودي عرب جي وچ ۾ سالن تي ٻڌل مضبوط ڀائرن لاڱاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزادي محمد ??ن سلمان وزير اعظم کي اپريل 2022 جي دوري جي دوران ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳو??ڻن پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير اعظم ڀائر ملڪ سعودي عرب جي پاڪس??ان جي مشڪل وقت مدد جو ذڪر ڪندي ولي عهد شهزادي محمد ??ن سلمان جو پاڪس??ان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تازي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزادي محمد ??ن سلمان کي پاڪس??ان جي جلد دوري جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪري ورتي.