اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ??وڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سان مڪمل هم آهنگيءَ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ جي عمل ۾ معاونت ڪر?? رهيو آهي. ڄاڻاي?? سينٽر متاثرن جي بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ڪر?? رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد جي ??راهميءَ لاءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.