برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي صورتحال ۾ مشڪل ترين حالتن مان گذري رهي?? آهي، پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ کان متاثر ٿي?? آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ تاريخ جي وڏي تباهي پکيڙي آهي. جرمني جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي جرمن هم منصب اينالينا بيرباڪ سان گڏيل پ??يس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ??يو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي سان ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ان وڏي آفت کي منهن ??يڻو پي?? آهي، ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٺهندڙ گرين هائوس گئسز ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن ??يو ته اسان کي هن ماحولياتي تباهي کي منهن ??يڻ جي لاءِ عاليم برادري جي مدد گهربل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يورپي يونين ۾ جرمني پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ بهترين سفارتي لاڳاپا آهن. هن ??يو ته گرمجوش ميزباني تي جرمن هم منصب جو ٿورائت?? آهيان، جرمني ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو وڏو انگ آباد آهي، پاڪستاني شاگردن جي لاءِ جرمني هڪ بهترين ملڪ آهي. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جرمن هم منصب سان واپار ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ??يو ته افغانستان کي به يوڪرين وانگر عالمي مدد گهرجي. ان موقعي تي جرمني جي پرڏ??هي وزير اينالينا بيرباڪ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ يورو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ڪيتري تباهي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، ٻوڏ متاثرين خاص طور تي ٻار کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن. هن ??يو ته موسمياتي تبديلين سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي?? آهي، ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ مليريا پکڙجي رهي?? آهي. جرمني جي پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان جرمني جو اهم ترين واپاري حصيدار آهي، جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. هن ??يو ته جرمني پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.