اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر طريقي سان مقاب??و ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلم کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي دنيا کي اصل صورتحال کان آ??اه?? ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪي??ن جي اهتمام هيٺ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميرين جي خراب حالت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت جي لاءِ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ تصويرن جي نمائش کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ سياهه ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، هي ڏينهن هر سال ڀارت جي والاريل واديءَ ۾ غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته نمائش جو بنيادي مقصد ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي مسئلي بابت شاگردن ۾ آ??اه?? پيدا ڪرڻ آهي. هن تصويري نمائش ۾ شاگردن جي اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پنهنجي تصويرن ذريعي ڪشميري عوام جي ڏکن جي ??اض?? عڪاسي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڀارتي پروپئگنڊه جو مقاب??و ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلمن کي دنيا ۾ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تصويري نمائش منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪي??ن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري تصويرن جو مقابلو کٽيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ۽ کين مبارڪُون ڏنيُون.