اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي د??ري تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر دوري د??ران افغانستان جي عبوري حڪومت جي پرڏ??هي وزير امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي ويندي. مملڪتي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.