اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) مصر ۾ رٿيل ڪوپ 27 جي هاڻوڪي سربراهه اجلاس ۾ موسمي??تي انصاف لاءِ قيادت ڪرڻ ۽ ايجنڊا ۾ نقصانن کي شامل ڪرائڻ پاڪستان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان امير ملڪن کان غريب ملڪن کي ان بحران جي ازالي ڪرڻ لاءِ مطالبي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن ??حران جو سبب هو نه آهي. آمريڪي رسالي فارن پاليسي پنهنجي هاڻوڪي مضمون ۾ چيو آهي ته پاڪستان گذريل هڪ ڏهاڪي کان موسمي??تي تباهيءَ جو شڪار آهي، عالمي سطح تي ڪاربن جي نيڪال ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کي انتهائي ماحولي??تي تبديليءَ جو سڀ کان وڏو خطرو آهي. آ??ٽر??لوي صحافي ۽ ڪالم نگار اوڊونيل لائيني جي لکيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته مون سون بارشن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيو حصو ٻوڙي ڇڏيو جنهن ??ي نتيجي 2 ۾ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن ??ه پاڪستان جي معيشت کي ٿيل نقصان جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. گذريل هفتي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي موسمي??تي تبديليءَ جي ڪانفرنس ڪوپ 27 ۾ و??يراعظم شهباز شريف جو خطاب جو حوالو ڏيندي مضمون نگار چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي انساني آفت جو شڪار آهي جنهن ??ان اسان جو ڪوبه تعلق ناهي. ڪوپ 27 جي وائيس چيئر طور وزيراعظم شهباز شريف ماحولي??تي تبديليءَ سبب ٿيل انهن نقصان جي مالي??تي طريقه ڪار تي زور ڀريو جيڪو اُسرندڙ ملڪن کي پابند ڪندو ته هو متاثرن ملڪن کي ماحولي??تي تبديلين جي اثرن جي ادائگيءَ ۾ مدد ڪري ۽ توانائيءَ کان محروم ملڪن کي ان جو حصو بڻجڻ کان روڪي ۽ کين توانائي جي صاف سٿري ذريعن جي منتقلي ۾ مدد فراهم ڪري. ڪوپ 27 ۾ اهو سوال ڇانيل رهيو ته امير ملڪ غريب ملڪن جي آبهوا جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهن ٿا. هاڻوڪي سربراهي اجلاس لاءِ تيار ڪيل هڪ رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته اُسرندڙ ملڪن کي تقريبن هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو پرڏيهي موسمي??تي فنانسن جي ضرورت هوندو.