اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ م??حو??ياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ م??حو??لياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي جي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ سان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين سان ٿيل آفتن پاڪستان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپورٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. پاڪستان ۽ انهن جي عالمي شراڪتدارن جي هڪ محتاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پائي??ار ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ م??حو??ياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙج?? لاءِ خاطرخواه سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، ان مد ۾ پاڪستان جي عالمي سهڪار جي ضرورت هوندي. ڏ??ڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحران موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پاڪستاني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ م??حو??ياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي تبديليون، موسمياتي ۽ م??حو??ياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائي??ار ۽ م??حو?? دوست توانائي، پائي??ار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ م??حو??لاتي لچ?? لاءِ انساني سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، م??حو??ياتي تبديلين کي مُنهن لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي عالمي سيڙپڪارن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.