اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ 24 هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. آءِ ايس پي آر موجب چئن هفتن تي ٻڌل ورڪشاپ ۾ سينيٽرز، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، بيوروڪريٽس، سفيرن، هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏوگڏ سول سوسائ??ي جي نمائندن شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد قومي سلامتي ۽ پ??ڪس??ان کي درپيش چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيور??ي جي ماحول کي سمجهڻ ۽ مختلف رخن بابت وڌ کان وڌ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي جامع قومي سلامتي بابت ورڪشاپ جي پ??اڻي تي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ جي هر قسم جي قيادت جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپس منقعد ڪرڻ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورس??ي جي ڪردار کي ساراهيو.