اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب ال??طني جي جذبي کي ساراهيندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آ??ي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنجگور حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس ن??ئيڪ محمد يونس خان ۽ لانس ن??ئيڪ فريد ال??ه خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لانس ن??ئيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي اسد علي جي وارثن سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب ال??طني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي انهن کي سلام عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.