اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ”ترڪيه زلزلي متاثرين بابت وز??راعظم ريليف فنڊ“ جي لاءِ اڪائونٽ قائم ڪرڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ”ترڪيه زلزلي متاثرين بابت وز??راعظم ريليف فنڊ“ باضابطا طور تي قائم ڪيو ويو آهي. ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ وز??راعظم ريليف فنڊ ”جي – 12166“ قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس آفيس نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وز??راعظم ڀائر ملڪ ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ فنڊ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو.