اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسجد اقصيٰ ۾ عبادت ۾ مصروف فلسطينين تي اسرائيلي پوليس جي حملي جي شديد مذمت ڪ??ي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو وحشياڻو حملو رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسرائيل کي ڏني وي??دڙ ڇوٽ تل ابيب کي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪ??ي آهي.