اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) خاتو?? اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ايس او ايس چلڊرن وليج جهڙن ا??ارن ۾ اچي انسان وڌيڪ پرسڪون ٿي وڃي ٿو، هتي باقاعده گهر، ماءُ ۽ ٻار جو ماحول ڏ??و ويو آهي. هو ايس او ايس چلڊرن وليج ۾ رهائش رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين سان افطاري جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. خاتو?? اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته منهنجي لاءِ هي انتهائي خوشي جو موقعو آهي ته آئون انهن ٻارن سان افطاري ڪري رهي آهيان. هن ٻارن کي ڪاميابي جون دعائون ڏيندي چيو ته محنت ۽ لگن سان ڪاميابي سان اڳتي وڌون. هن چيو ته ايس او ايس چلڊرن وليج هڪ ماڊل ادارو آهي جيڪو ان شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ان کان اڳ به هتي آئي آهيان، انهن ٻارن سان ويهڻ سان دلي سڪون ۽ راحت ملي ٿي. خاتو?? اول بيگم ثمينه عارف علوي ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ انهن جي ٽيبل تي وئي، خيريت معلوم ڪئي ۽ تعليمي سرگرمين بابت پڇيو. ايس او ايس چلڊرن وليج جي ٻارن ڪوويڊ 19 جي دوران خاتو?? اول بيگم ثمينه عارف علوي جي هتان جي دوري جو ذڪر ڪيو ته انهن ٻارن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي چيو ته آئون سدائين هتي ايندي ??هن??يس. ايس او ايس چلڊرن وليج جي انچارج ميڊم فريحه ٻڌايو ته هتي 15 فيملي هومز آهن جتي 106 ٻار ۽ ٻارڙيون رهائش پذير آهن. هن ٻارن جي پرورش ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي فرينڊز آف ايس او ايس جا پڻ ٿورا مڃيا. هن ٻارن کي ٻڌايو ته عيدالفطر جي لاءِ خاتو?? اول سمورن ٻارن جي عيدي ڏني آهي.