اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ??ال??ه ٻولهه ٿي، اها ??ال??ه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي تي ٻڌل هئي جنهن ۾ پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپر??ٽو پارٽنرشپ کي اجاگر ڪيو ويو. شهباز شريف چيني وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ ان جي تازي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني جيڪو چيني قوم جي گهري اعتماد ۽ عوامي خدمت ۾ ان جي ڪيترين ئي ڪاميابين سان پيدا ٿيندڙ ان تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. سدا بهار حصيدارن ۽ ويجهي دوستن جي حيثيت سان پاڪستان چين جي پرامن ترقي کي عالمي امن ۽ استحڪام جي مثبت عنصر طور ساراهيو ۽ ان ??ال??ه تي يقين ظاهر ڪيو ته چين ترقي ۽ بحالي طرف پنهنجي سفر ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪندو رهندو. وزيراعظم چين جي بنيادي مسئلن بشمول ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف ۽ بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي حمايت تي چين جا ??ورا مڃيا. چيني وزيراعظم چين جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي قومي ترقي، خودمختياري ۽ علائقائي ??ال??يت جي لاءِ چين جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته سدابهار دوست جي حيثيت سان چين پاڪستان سان هر وقت گڏ بيٺل رهندو. نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري ۽ صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت سان وسيع ??ال??ه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? جو جائزو ورتو. هن سمورن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي.