اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي مين لائين ون جي ا?? گريڊيشن جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته (ايم ايل – 1) پاڪست??ن ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريع?? خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه ??راهم ڪندو، پاڪست??ن ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪست??ن ريلويز ۾ سڌارن ۽ مين لائين ون جي ا?? گريڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ريلوي هنگامي بنيادن تي پنهنجي آپريشنز کي بحال ڪيو. هن وقت ريلوي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ ريلوي ٽڪيٽنگ جي نظام کي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. اجلاس کي مين لائين ون (ايم ايل – 1) ا?? گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص طور تي منصوبي جي مختلف آپشنز ۽ مرحلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريع?? خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه ??راهم ڪندو، پاڪست??ن ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ??يگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيل موٽرويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان عوام فائدو کڻي رهي آهي، پاڪست??ن ريلويز جي ٽيم جون ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بحالي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.