پيرس – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ بر??زي?? ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم شهباز شريف سان بر??زي?? جي صدر لوئيز اناسيو لُولا ڊي سلوا جي ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دفاع سميت ٻين معاملن ۾ بر??زي?? جي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمن تي بر??زي?? ۽ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بر??زي?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ بر??زي?? جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، زراعت جي شعبي ۾ بر??زي?? جي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. بر??زي?? جي صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.