اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن پشاور جو دورو ڪ??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم پشاور ۾ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو، اها يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انهن ضلعن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار جي عين موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظم يو?? پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائي??دو. ??ن موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪ??دو.