اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مل??قات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن تي نئين سر ت??مي?? ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين وزيراعظم کي خر??ج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خر??ج تحسين پيش ڪيو. مل??قات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاق?? تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص معاون عطا تارڙ موجود هئا.