اسلام آباد – 20 – جو??اءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 جو??اءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سا?? ٽيليفون ??ي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهي??. ص??ر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پونئيرن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سا?? به ٽيليفون ??ي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سا?? به ٽيليفون ??ي افسوس جو اظهار ڪي??. ص??ر شهيدن جي فرض سا?? لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.