اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم جي سيڪيورٽي بابت خدشن کان آءِ سي سي ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اسان جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪستان جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته ران??ين کي سياست سان نه ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آهي جنهن بار بار پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪستان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا ڏي?? کان انڪار ڪ??ي ران??ين جي سياست ڪئي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪ??ي ته ڀارت جي دوري دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گ??ربل شائستگي، مڪمل حفاظت ۽ تحفظ ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي بابت اسان جي گ??رن خدشن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.