اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ زوب ضلعي ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر سيد علي رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيدن کي سل??م پيش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وز??راعظم چيو ته دهشتگردن جي خلاف وڙهندڙ اسان جا اصل هيرو آهن، اسان جي بهادر فوج دهشتگردي جي خلاف مضبوط ديوار وانگر بيٺل آهي. نگران وز??راعظم چيو ته اسان دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهيون. هن دعا ڪئي ته الله ??عا??يٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.