اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عبوري حڪومت جي اهم قدمن جو خاڪو پيش ڪندي چي?? آهي ته نگران حڪومت بهتر اسلوب حڪمراني ۽ سڌاراجاتي موقف رکندڙ ميراث ڇڏي ويندي، نگران حڪومت معيشت، نجڪاري ۽ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ ڏکئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. جنگ گروپ آف پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ”بريڪ فاسٽ ود دي پرائم منسٽر“ جي عنوان سان هڪ ويهڪ ۾ نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته نگران حڪومت معيشت، نجڪاري ۽ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ مشڪل چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. نگر??ن وزيراعظم هڪ بهتر پاڪستان جي امڪانن بابت پنهنجي ويزن تي روشني وجهندي چي?? ته هنرمند انسان?? سرمايو ڪيترائي چئلينجز رکندڙ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان کي اقتصادي تعاون تنظيم جو هڪ اهم علائقائي ميمبر هجڻ جي ناطي پنهنجي ڀرپور قدرتي وسيلن کانسواءِ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سنگم تي اسٽريٽجڪ مقام تي واقع هجڻ تي فخر آهي. هن چي?? ته 24 ڪروڙ جي آبادي 25 سال کان گهٽ ??مر جي نوجوانن جي وڏي انگ سان گڏ انسان?? سرمائي جي قدر ۾ اضافو ڪري ٿي جڏهن ته هن نشاندهي ڪئي ته ٽارگيٽيٽ ٽريننگ پروگرامن جي ذريعي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ انتهائي ضروري آهي جڏهن ته انهن جي توانائين کي مناسب طور تي استعمال ۾ نه آڻڻ هاڃيڪار نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. نگر??ن وزيراعظم چي?? ته نگران حڪومت جي ترجيحن مان هڪ ترجيح اهڙي پروگرام تي ڌيان ڏيڻ آهي جنهن ۾ هڪ ڏهاڪي ۾ 10 لک نرسن کي تربيت ڏني ويندي. هن چي?? ته حڪومت مختلف شعبن ۾ مهارتن جي ترقي جي لاءِ سيمز، جرمني سميت عالمي تنظيمن سان حصيداري جا موقعا ڳولي رهي آهي. نگر??ن وزيراعظم چي?? ته حڪومت خساري ۾ هلندڙ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، ان فهرست ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري اولين ترجيح آهي، جنوري جي وچ تائين ڪجهه ٺوس نتيجا حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. هن ملڪ ڇڏي ويندڙ باصلاحيت ماڻهن کي ڪنهن ناڪامي جي علامت سمجهيو ويندڙ تاثر کي رد ڪندي چي?? ته پاڪست??ن وڏيُون تخليقي صلاحيتون رکندڙ تهذيب آهي، اهڙي طرح جا باصلاحيت ماڻهو مستقبل ۾ ملڪ جو اثاثو بڻجي سگهن ٿا اهو ان معاملي کي سمجهڻ جو هڪ سنجيده ۽ مثبت طريقو آهي. پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ڪاروبار ۾ آساني جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چي?? ته ملڪ کي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ اربين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري بابت هفتن ۾ سٺي خبر جي اميد آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ايس آءِ ايف سي سول ۽ ملٽري نمائندن تي ٻڌل هڪ پليٽ فارم حڪومتن جي تبديلي جي باوجود منصوبن جي تسلسل کي يقيني بڻائيندو. هن پنهنجي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جي ميمبرن کي شامل ڪرڻ جي خيال جي پڻ توثيق ڪئي. هن چي?? ته ايگزم (ايڪسپورٽ امپورٽ) بئنڪ پاڪستان کي مالياتي خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان مقامي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ٻاهرئين ملڪ مالي ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رابطي کي هڪ اهم شعبي طور اجاگر ڪندي هن چي?? ته ٽرانس افغان ريلوي ازبڪستان کي پاڪستان سان ڳنڍيندي. هن چي?? ته ڪوئيٽا تفتان ريل نيٽ ورڪ جي بهتري تي پڻ ڪم جاري آهي. هن چي?? ته آذربائيجان سان تازو ئي شروع ڪيل سڌوسنئون اڏامن سان سفر جي وقت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ واپار کي هٿي ملندي. نگر??ن وزيراعظم ٽيڪس ۾ سڌارن جي حمايت ڪندي چي?? ته نگران حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي تي يقين رکي ٿي ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي سڌارن تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي. هن چي?? ته ٽيڪس جي ذريعي دولت جي تخليق حڪومت جي لاءِ اسڪولن، اسپتالن ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي جي قيام جي لاءِ آمدني جو استعمال ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ ميڊيا آزادي سان ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته خاص طور تي سوشل ميڊيا ڪنهن به قسم جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي جڏهن ته هن ڊيجيٽل ميڊيا جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڌرين سان غور فڪر کانپوءِ ضابطا جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته موجوده سياسي منظرنامو بحران نه پر پاڪستان جي اسرندڙ جمهوريت جي عمل جو تسلسل آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جمهوري عمل جي تسلسل سان عوام آهستي آهستي سياسي پارٽين کي ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي فراهمي سان ڳنڍڻ شروع ڪري ڇڏيندي. نگر??ن وزيراعظم ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان جهڙن ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهن کي درپيش شهري مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ بلدياتي نظام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چي?? ته شهري ترقي تي مرڪوز طرز حڪمراني کي رد ڪرڻ ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي ترقي يافته شهرن جي برابر آڻڻ جي لاءِ وڌيڪ ٺوس انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.