اسلام آباد- 15 جنوري (اي پي پي) تع??يم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته تع??يم جي فراهميءَ ۾ ٽيڪنالاجيءَ م??ن فائدو کڻڻ ضروري آهي، اسان جي اولين ترجيح اسڪولن مان ٻاهر جي تع??يمي ادارن ۾ داخلا آهي، ان لاءِ به ٽيڪنالاجيءَ مان مدد ورتي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيسڪو، اي ڊي ٽيڪ حب ۽ آءِ ٽي اي جي سهڪار سان گلوبل ايجوڪيشن مانيٽرنگ رپورٽ 23ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب جي صدارت ڪندي ڪ??و. ??ن چيو ته ان سال جي اي ايم رپورٽ جو موضوع انتهائي مناسب آهي. هن چيو ته تع??يم جي فراهميءَ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪردار جو جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي. پاڪستان تازو ئي تع??يم جي فراهميءَ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي تمام اهميت ڏني آهي. هن چيو ته سندن اولين ترجيحي اسڪولن مان ٻارن جي شرح کي گهٽ ڪرڻ آهي، ان انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو ڪردار به اهم آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي رفتار سان هم آهنگ ٿئي. هن چيو ته تع??يم جو معيار هڪ ٻيو چئلينج آهي جنهن ک?? سندس سربراهيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترجيحي ڏني وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته هن ان ڳالهه تي خاص زور ڀريو آهي ته شاگردن ک?? محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ وفاق جي اسڪولن ۾ بنيادي ضرورتون دستياب هجن. هن تع??يم واري وزارت ذريعي ڪووڊ 19 ۾ ٽيلي اسڪول ۽ تع??لمي ريڊيو چينلز جي ترقي ۽ شروعات تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيڪنالاجي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ک?? پوئتي ڇڏي سگهي ٿي. هن چيو ته تع??يم واري وزارت ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ٽيڪنالاجي جي استعمال کي اهڙيءَ طرح اختيار ڪيو وڃي جيئن ڪوبه ٻار پوئتي نه رهي.