اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وفاقي ??اب??نا ايف بي آر ۾ سڌارن جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊز فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا جو اجلاس ٿيو. نگران وفاقي ??اب??نا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ??يج??ٽلائيزيشن جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي تفصيلي بحث ڪيو. نگران وزيراعظم ايف بي آر سڌارن جي حوالي سان پيش ڪيل انهن تجويزن جي حوالي سان ??اب??نا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير جي سربراهي ۾ هڪ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ نجڪاري، پرڏيهي معاملن، واپار، توانائي، قانون ۽ انصاف ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارا نگران وفاقي وزير شامل هوندا. ڪميٽي انهن تجويزن جي حوالي سان پنهنجون سفارشون وفاقي ??اب??نا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ??اب??نا ملڪ ۾ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي، ٽيڪس – جي ڊي پي تناسب ۾ بهتري ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انتظامي ڍانچي جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي ڪوششن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ۽ ??اب??نا جي سمورن ميمبرن گڏيل طور تي انهن ايف بي آر سڌارن جي حوالي سان انهن تجويزن جي تائيد ڪئي ۽ ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته نگران حڪومت ايف بي آر سڌارن جي ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. وفاقي ??اب??نا گهرو وزارت جي سفارش تي عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي دستا حساس تڪن ?? پولنگ اسٽيشنن تي فرض سرانجام ڏيندا ۽ ريپڊ ريسپانس فورس جي طور تي پڻ ڪم ڪندا. وفاقي ??اب??نا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي طاهر حسين قريشي جي ايس ايم ايس بئنڪ جي صدر طور ملازمت جي مدي ۾ ٽي مهينا يا اداري جي باضابطا بندش تائين جي توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??اب??نا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي رجسٽريشن بورڊ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز جي نمائندي جي طور تي پروفيسر ڊاڪٽر انور علي شاهه، پرنسپل شفا ڪاليج آف ڊينٽسٽري، شفا عطا ملت يونيورسٽي اسلام آباد ۽ پرائيويٽ هيلٿ ڪيئر اسٽيبلشمينٽ سيڪٽر جي نمائندي جي لاءِ ڊاڪٽر درشهوار فيصل جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??اب??نا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو. وفاقي ??اب??نا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ??اب??نا ليجسليٽو ڪيسز بابت ??اب??نا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع ۽ 17 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.