اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستا?? کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين سمورا خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي موجوده حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن پاڪستان ان حوالي سان هڪ قدم پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته آئون ذاتي طور تي يقين رکان ٿو ته خطي جا سمورا ملڪ چاهين ٿا ته افغانستان حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، جڏهن ته آئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر علائقائي ملڪ ان ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن، مو?? کي يقين آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ا?? کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ا?? کي عالمي سرحد جي طور تي منظور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چوي اهو ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان مو?? کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ان مسئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي سرزمين تي ا??ن ٿا ۽ ان جو استعمال ۽ ان تي ٽريننگ ڪن ۽ پوءِ اچي منهنجي قوم کي نقصا?? پهچائين، ته آئون توها?? کي اهو ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي سرزمين تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سان هجي يا نه هجي، پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته اهو پاڪستان جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت تي انهن ماڻه?? کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو الزام نه لڳايو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي افغانستان جي خلاف پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.