اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، پوليو ورڪرز ان سلسلي ۾ هراول د??تي جو ڪم ڪري رهيا آهن. صحت وزارت مان جا??ي ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهيون ڪندي ڪيو جنهن هن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي سفير مختصر مدي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل قدمن ۽ سڌارن تي نگران وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي جي ايجنڊا کي ا??تي وڌائڻ لاءِ ڀرپور سهڪ??ر ڪندا??ين. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته پوليو ورڪرز ملڪ مان پوليو جي خاتمي ۾ هڪ هراول د??تي جو ڪم ڪري رهيا آهن.