اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي ??تفاق راءِ جي ضرورت آهي، سياسي اختلاف ضرور رکو پر ذاتيات کان پاسو ڪريو، ٽيون ڀيرو اسپيڪر جي عهدي تي چونڊجڻ م??هن??ي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ان تي پ??هن??ي اڳواڻن، پارٽي ۽ اتحادن جو شڪرگذار آهيان. قومي ??سيمبلي ۾ حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته کيس هن ايوان ٽيون ڀيرو باوقار منصب تي چونڊيو آهي، ٽيون ڀيرو چونڊجڻ تي پ??هن??ي قائد نواز شريف، پارٽي صدر شهباز شريف، پ??هن??ي پارٽي مسلم ليگ (ن)، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ايم ڪيو ايم پاڪستان، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو شڪرگذار آهيان. هن چيو ته هو پ??هن??ي تڪ جي ووٽرن جو ٿورائتو آهي جن کيس چونڊرايو، هن پ??هن??ي مخالف ڌر سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر جو ٿورو مڃيو جنهن هن جمهوري عمل ۾ حصو ورتو. هن چيو ته اسپيڪر جو عهدو هڪ مشڪل ذميواري آهي، اسپيڪر طور قانون، قاعدي موجب ايوان جي ڪارروائي هلائڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته سياست ۾ ٺهيل دوستيون اثاثو هونديون آهن، اختلاف باوجود هن ايوان ۾ تعلق ۽ احترام برقرار رهندو. هن اڳوڻي اسپيڪر جي خدمتن کي به ساراهيو. سردار اياز صادق چيو ته حڪومت، مخالف ڌر پاڻ ۾ اختلاف ضرور رکن اهو جمهوريت جو حسن آهن پر ان ۾ ذاتيات تي نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي ??تفاق راءِ جي ضرورت آهي، ملڪ کي درپيش مسئلن تي سياست بدران قومي ??تفاق راءِ جي ضرورت آهي، پريس گئلري جو نمايان ڪردار آهي، ايوان جي ڪارروائي بهترين طريقي سان هلائڻ ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو ڀرپو?? تعاون رهيو آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان ذاتي پسند ۽ناپسند ۾ الجهون يا عوام جي امنگن تي پورو لهون، اسان کي سياستي وابستگين کان مٿانهون ٿي پ??هن??ي روشن مستقبل لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي، هن ايوان ۾ موجود سمورا ميمبر باصلاحيت آهن انهن جي صلاحيتن جو اعتراف آهي. سني اتحاد ڪائونسل جي اسپيڪر جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر نئين چونڊيل اسپيڪر سردار اياز صادق کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته اسان احتجاجن هن ايوان جو حصو بڻياسين ته جيئن اسان پ??هن??و ڪردار ادا ڪري سگهون، 8 فيبروري تي پاڪستان جي عوام خاموش انقلاب جو ثبوت ڏنو، اسان جا سمورا ميمبر اسان سان گڏ آهن، هن نگران حڪومت طرفان بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن 2013ع ۾ اسپيڪر طور سردار اياز صادق جي ڪردار کي ساراهيو.