ڪراچي-08فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ، اقليتي معاملن ۽ سوشل سيڪيورٽي جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ڏک?? ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نگران وزير محمد احمد شاهه ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ??ين??ن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن سبب موبائل سر??س بند ڪئي وئي آهي ته جيئن ان قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته موبائل سر??س بند ڪ??ڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ آهي ۽ اهو فيصلو دهشتگردي جي واقعن کي ??ظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صورتحال قابو ۾ رهي ته سر??س بحال ڪئي ويندي ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سر??س بند رهندي.ڪراچي ۾ بيلٽ پيپرز ريڪور ڪرايا ويا آهن.پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.هن چيو ته نگران حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته امن امان سان گڏ اڄوڪي ??ين??ن جي پڄاڻي ٿئي.صوبي ۾ ووٽنگ جو عمل تسلي بخش آهي. سمورن ڊي آر اوز کان معلوم ڪيو ويو آهي ته انهن تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ته نه آهي. انٽرنيٽ بند ڪ??ڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته يقيناً ڪو خطرو ضرور هوندو جنهن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.