اسلام آبا?? – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سڌارا ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي ممڪن رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. ??جلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو و??و. ??جلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحف??ظ شيخ، وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي اداره جاتي سڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد ا??هر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ناڻي واري صلاحڪار عبدالحف??ظ شيخ معيشت جي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو.