اسلام آباد ??? 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ا??ار??ي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اسپتالن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل ۾ به صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورن ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪو??يٽ?? ۾ فاطمه جناح چ??سٽ اينڊ جنرل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪو??يٽ?? جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورونا ۾ فرنٽ لائين سولجر جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا آهن جن تي اسان سڀ??ي کي فخر آهي.