اسلام آباد 6- آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊجيٽل ڊپلوم??سي وقت جي اهم ض??ورت آهي، پرڏيهي وزارت کي جديد عصري گُهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ جامع ۽ قابل عمل تجويزون سامهون آڻينداسين. اها ڳالهه گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽل ڊپلوم??سي گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊجيٽل ڊپلوم??سي گروپ پرڏيهي وزارت جي پبلڪ ڊپلوم??سي جي ويزن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل ماهر شامل آهن. ڊجيٽل ڊپلوم??سي گروپ جي ميمبرن ۾ وزيراعظم جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اِي او سيد شباهت علي شاهه، جن??ل مئنيجر ڊجيٽل ميڊيا ونگ وزارت اطلاعات عمران غزالي، ڊجيٽل ايڪسپرٽ تانيه ايڊوروس پرو پاڪستاني بلاگ جي باني عامر عطا، پبلڪ رليشن ايڪسپرٽ سلينا راشد ۽ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪار پبلڪ ڊپلوم??سي عمران اختر شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 دنيا کي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڊجيٽل ڊپلوم??سي وقت جي اهم ض??ورت آهي. پرڏيهي وزارت کي الله تعاليٰ بهترين هيومن ريسورسز سان نوازيو آهي، اسان جي وسيع تجربن سان اسان اداري کي بهترين بڻائي رهيا آهيون.